ڌرتيءَ جو ڌنار

ڌرتيءَ جو ڌنار

ڌرتيءَ جو ڌنار

ڌرتيءَ جو ڌنار (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي قومي اڳواڻ بشير خان قريشيءَ جي المناڪ شهادت تي، مختلف اديبن، ليکڪن، صحافين، قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي تاثراتي مضمونن تي مشتمل آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ جي نوجوان صحافي سارنگ مُنير سومري سهيڙي شايع ڪرايو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ليکڪ اعجاز منگيءَ لکيو آهي، جڏهن ته تعارف نذير ناشاد سومري لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ محمد ابراهيم جويي، عبدالواحد آريسر، الاهي بخش سومري، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، گل محمد جکراڻي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، ڊاڪٽر دودي مهيري، ڊاڪٽر مير عالم مري، جامي چانڊيي، مقصود خان قريشي، علي حسن چانڊيي، نثار کوکر، دستگير ڀٽي، جي. اين. مغل، ناز سهتي، زرار پيرزادي، صنعان قريشي ۽ ٻين جا مضمون ۽ تاثر شامل آهن. هيءُ ڪتاب بشير خان قريشيءَ جي چاليهي تي پڌرو ڪيو ويو. ڪتاب ۾ ڪل 112 صفحا آهن. ڊيمي سائيز ۾، پڪي جلد سان، چار رنگي ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي سنگت شاخ چڪ، مئي 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو